گل محمد چنا

گل محمد چنا

گل محمد چنا

گل محمد چنا : مشهور اديب گل محمد ولد محمد عمر چنا، 3 اپريل 1937ع تي نوابشاهه شهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم غريب آباد اسڪول مان حاصل ڪري، مئٽرڪ ايڇ. ايم. خواجه هاءِ اسڪول مان ڏنائين. شاگرديءَ واري دؤر ۾ ’ادا‘ مئگزين جاري ڪيائين. ايڇ. ايم. خواجه کيس گھڻو ڀائيندو هو. اڳتي هلي ايڇ. ايم. خواجه اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران هن ڪيترن غريب شاگردن کي ڪتاب ۽ ڪپڙا وٺي ڏنا. 1962ع ڌاري بئنڪ ۾ نوڪري لاءِ امتحان ڏنائين، جنهن ۾ پاس ٿي بئنڪ ۾ ملازم مقرر ٿيو. نوڪريءَ دوران تقريباً سڄي سنڌ جي شهرن ۾ سندس بدلي ٿيندي رهي. 1974ع ڌاري ’Banking Magazine‘ نالي سان رسالو جاري ڪيائين. گل محمد چنا نوڪريءَ دوران ڪنڌڪوٽ ۽ شهدادڪوٽ سميت ڪيترن شهرن ۾ ڪاليج کولرايا، جتي نوڪريءَ جي حوالي سان رهيو، اتي سنڌي ادبي سنگت شاخ جو ميمبر ٿي رهيو. سڪرنڊ، دادو، شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد جي شاخن جو سيڪريٽري رهيو. سندس ڪيترا مضمون مختلف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس هڪ ناول ’پيار ۽ پڇتاءُ‘ 2007ع ڌاري شايع ٿيو. هو 1997ع ڌاري نوڪري تان رٽائر ٿيو.گل محمد چنا جي وفات 26 جنوري 2003ع تي ٿي.


لفظ گل محمد چناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.04.03  عيسوي

مشهور اديب گل محمد ولد محمد عمر چنا، 3 اپريل 1937ع تي نوابشاهه شهر ۾ جنم ورتو.


2003.01.26  عيسوي

گل محمد چنا جي وفات 26 جنوري 2003ع تي ٿي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب علي عادل چوهاڻ
شوڪت صديقي
شريف شاد سومرو ڊاڪٽر
رشيده حجاب
عشرت علي خان
شمس الدين عرساڻي ڊاڪٽر
بهاري لعل ڇاٻڙيا
احسانه ڊار
صديقي محمد علي ڊاڪٽر
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون